سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي کي 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن جو فيصلو ٿيڻ تائين جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس پاڪستان جي نالي خط ۾ 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي درخواستون ٻڌڻي جي لاءِ لڳائڻ جو حڪم ڏيو. جسٽس منصور چيو ته 26هين آئيني ترميم جي تحت جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ ڪئي وئي هئي ۽ ترميم جي خلاف 2 درجن کان وڌيڪ درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن. 26هين ترميم جي خلاف درخواستون رد به ٿي سگهن ٿيون ۽ منظور به ٿي سگهن ٿيون جيڪڏهن درخواستون منظور ٿين ٿيون ته جوڊيشل ڪميشن جي فيصلن جو وقت ختم ٿي ويندو ۽ اهڙي صورتحال اداري ۽ ميمبرن جي لاءِ شرمدنگي جو سبب بڻجندي ان ڪري جوڊيشل ڪميشن جو 6 ڊسمبر جو اجلاس ملتوي ڪيو وڃي.جسٽس منصور خط ۾ چيو ته 26هين ترميم جي خلاف درخواستن تي فيصلو ڪري جوڊيشل ڪميشن جي قانوني حيثيت جو هميشه جي لاءِ فيصلو ڪري سگهجي ٿو. جسٽس منيب اختر ۽ مان 31 آڪٽوبر جي اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن کي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر انهي فيصلي جي باوجود رجسٽرار طرفان انهن درخواستن کي فل ڪورٽ جي سامهون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو. سينئر جج لکيو ته 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواستن تي فيصلو ٿيڻ انتهائي ضرورت ۽ وڏي اهميت رکي ٿو. آرٽيڪل 191 اي جي تحت سپريم ڪورٽ جي ريگولر بينچ آئيني درخواستون نٿي ٻڌي سگهي پر آرٽيڪل 191 اي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ کي آئيني درخواستن تي ٻڌڻي کان نٿو روڪي.