9 مئي ۽ 26 نومبر تي بغاوت ڪئي وئي، احتساب نه ڪيو ويو ته دروازا کلي ويندا:خواجه آصف

  دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته 9 مئي ۽ 26 نومبر تي بغاوت ڪئي وئي، انهن جو احتساب نه ڪيو ويو ته مستقبل لاءِ هڪ دروازو کلي ويندو. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن ٻڌايو ته ان حوالي سان احتساب جو فريم ورڪ تيار آهي، ان کي وڌيڪ بهتر به ڪيو ويندو. دفاع واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ڪهڙي قسم جي جاچ ڪرائڻي آهي؟ سمورا ثبوت ۽ اعتراف ته موجود آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي سينئر ججز جو ذڪر ڪري پي ٽي آءِ باني ساڳئي عدالتي سرپرستي چاهي ٿو جيڪا هن کي 9 مئي کان پوءِ ملي هئي ۽ جانبدار عدليه ان جي پٺيان بيٺل هئي، جيڪڏهن عمران خان کي عدليه جي پٺڀرائي حاصل نه هجي ها ته 9 مئي جو قصو گهڻو وقت اڳ ختم ٿي چڪو هجي ها. هن چيو ته سينئر ترين ججز اهي آهن جن کي تازو ئي هڪ شڪايت ٿي آهي ۽ انهن انهي جي باري ۾ خط به لکيو آهي. خواجه آصف چيلينج ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جيڪڏهن ملڪ جو ڪاروهنوار روڪڻ جو سڏ ڏئي ٿو ته ضرور ڏئي اهو سڏ به ناڪام ماضي جيان ٿيندو.