امن امان جي صورتحال خراب آهي، حڪومت دهشتگردن جي بجاءِ پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳل آهي: اسد قيصر

 تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان رابطي ۾ آهيون، چاهيون ٿا ته حڪومت جي خلاف گڏيل تحريڪ هلايون. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسد قيصر چيو ته حڪومت طرفان اڃان تائين رابطو ناهي ٿيو. اسان جا جيڪي مطالبا آهن انهن تي ڳالهيون ڪنداسين. حڪومت طرفان ڪوبه سامهون اچي ٿو ته ڏسنداسين. هن چيو ته اسان آئين ۽ قانون موجب جدوجهد ڪري رهيا آهيون. پيپلز پارٽي 26 نومبر جي واقعن ۾ برابر جي ڀائيوار آهي، 15 ڊسمبر تي باغ ناران شهيدن جي لاءِ تقريب ڪوٺائي ويندي، حڪومت پرامن شهرين تي گوليون هلايون. حڪومت سياسي ڪارڪنن کي دهشتگرد ڊڪليئرڊ ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي جڏهن ته حڪومت دهشتگردن جي بجاءِ پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳل آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته 26هين ترميم غيرقانوني طور تي پاس ڪئي وئي، سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.