خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون مان 3 ڄڻن جا لاش مليا آهن جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري مزدا گاڏي ۾ سوار 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. ضلعي بنون ۾ وزير ٿاڻي جي حد مان 3 لاش هٿ آيا آهن جن کي سڃاڻپ جي لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. انهي حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس موجب لاش ممند خيل جي علائقي ڪندي چيڪ پوسٽ ڀرسان پيل هئا، نامعلوم جوابدار ٽئي لاش رات جي اونداهي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا. ٻئي طرف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڊي پي او آصف بهادر موجب وانا ۾ راغزائي جي علائقي ۾ ڪارن شيشن واري گاڏي ۾ موجود نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري مزدا گاڏي ۾ سوار 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. ٽنهي مقتولن جو تعلق گنگي خيل قبيلي سان ٻڌايو پيو وڃي پر قتل جو سبب اڃان تائين خبر نه پئچي سگهيو آهي. جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي شهر صوابي جي ڏوراهين علائقي ترلاندي ۾ سرڪاري اسڪول جي ڀرسان زباني تڪرار تي سئوٽن ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. پوليس ذريعن موجب فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 50 ورهين جو اڳوڻو پوليس اهلڪار فداالله ۽ 55 ورهين جي محمد علي جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته ندالله، سيد عمر ۽ قاسم زخمين ۾ شامل آهن. زخمين ۽ لاشن کي ڪالو خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.