پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف شنگهائي پهچي وئي جتي هن سياسي مصروفيتن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي شنگهائي ڪميٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي، مسٽر زئو زونگ منگ مريم نواز جو پرجوش استقبال ڪيو. ڊپٽي سيڪريٽري مسٽر زئوزونگ منگ پنجاب ۽ شنگهائي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحق ڪرڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو جڏهن ته ملاقات ۾ واپار، سرمائيڪاري، سائنس، ٽيڪنالوجي ۽ انڊسٽري ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ اڪنامڪ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پاڪستاني شاگردن ۽ ماهرن کي ٽريننگ ۽ تعليم جا موقعا ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف شنگهائي بيسڊ ڪمپنين کي پنجاب جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سرمائيڪاري جي دعوت به ڏني. انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته عالمي سطح تي شنگهائي جو فنانشل ۽ ٽريڊ هب جي طور تي اڀرجڻ تعريف جوڳو عمل آهي. آٽو موبائل، آءِ ٽي، سيمي ڪنڊيڪٽر ۽ روبوٽو سميت ٻين شعبن ۾ شنگهائي جي ڪمپنين سان تعاون چاهيون ٿا. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته چين جي تعاون سان ماهرن جي ڪيپسٽي بلڊنگ سان پاڪستان ۾ آءِ ٽي انڊسٽري تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي. پاڪستان جو آءِ ٽي سيڪٽر ناليواري صدر زي جن پنگ جي ويزن موجب ترقي ڪرڻ جي صلاحيت سان مالا مال آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت شنگهائي اختيارين سان گڏ آءِ ٽي سيڪٽر کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار آهي، پاڪستان ۽ چين نوازشريف ۽ شهباز شريف جي حڪومت واري دور ۾ وڌيڪ ويجهو آيا. مريم نواز چيو ته چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور جهڙي گيم چينچر پراجيڪٽ جي شروعات نوازشريف ۽ شهباز شريف جي حڪومت واري دور ۾ ئي ممڪن ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي سالن جي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کان پوءِ پاڪستان جي معيشت ۽ معاشي اشارا بهتري طرف گامزن آهن، چين جي ڪمپنين کي پنجاب ۾ سرمائيڪاري تي اوليت جي بنياد تي سهولتون ڏنيون وينديون. انهي موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه جي شنگهائي ڪميٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري مسٽر زئوزونگ منگ چيو آهي ته واپار، سرمائيڪاري، انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي رابطا، گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪندا.