توشہ خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو۔

توشه خانه 2 ڪيس ۾ اسلام آباد جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ون باني پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي۔ اسپيشل عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند، اڊياله جيل ۾ توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي به موجود هئا۔ جج شاهه رخ ارجمند فرد جرم پڙهي ٻڌائي، جنهن کان پوءِ توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي۔ ڪيس جي شروعاتي جاچ نيب (نيشنل اڪائونٽيبلٽي بيورو) ڪئي هئي، پر نيب ۾ ٿيل ترميمن جي روشني ۾ هي ڪيس ايف آءِ اي (وفاقي جاچ اداري) حوالي ڪيو ويو هو۔ سيپٽمبر 2024 ۾ ايف آءِ اي ضروري جاچ کان پوءِ چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو هو۔ واضح رهي ته ڪيس جي پويان ٻڌڻي 5 ڊسمبر تي اڊياله جيل ۾ ٿي هئي، جنهن دوران بشرا بي بي عدالت ۾ پيش نه ٿي، جنهن تي عدالت سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا۔ عدالت ملزمه جي ضامن کي به نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي هئي۔ ان کان اڳ، عدالت توشه خانه 2 ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي دليل مڪمل نه ٿيڻ سبب ڪيترائي ڀيرا فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي ملتوي ڪئي هئي۔ ياد رهي ته توشه خانه 2 ڪيس ۾ آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ بشرا بي بي کي 10 لک رپين جي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا، جنهن کان پوءِ سندن آزاديءَ جا حڪم جاري ڪيا ويا ۽ بشرا بي بي اڊياله جيل مان نڪري پشاور رواني ٿي وئي هئي۔