پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته هوءَ چين جي تجربن مان فائدو وٺڻ چاهي ٿي. چين جي شهر شنگهائي ۾ موسمياتي تبديلي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، مختلف شعبن ۾ چين سان گڏجي ڪم ڪنداسين، چين سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسنداسين. مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ چين جي سهڪار سان ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، پاڪستان چين سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته هو ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ چين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان ۽ چين لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. چين تمام تيز ترقي ڪئي آهي، چين جي تجربن مان فائدو وٺڻ چاهيون ٿا، پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن.