ڳالهين جي معاملي تي اهم اڳڀرائي باوجود(ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڀروسي جي کوٽ

 حڪومتي پارٽي پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ اپوزيشن پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) وچ ۾ ڳالهين جي معاملي تي اهم اڳڀرائي باوجود ٻنهي طرفان هڪ ٻئي تي ڀروسي جي کوٽ برقرار آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي نواز ليگ جي اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ فيض حميد جي چارج شيٽ ڏسي گهبرائجي وئي آهي. هن چيو ته انهي گهبراهٽ ۾ پي ٽي آءِ حڪومت کي ڳالهين جو يقين ڏياريو آهي ته جيئن سزائن کان بچي سگهي ۽ فيض حميد جي ٽرائل تي ڪنهن به طريقي سان اثر انداز ٿي سگهجي. طلال چوڌري چيو ته اسان کي اهڙين ڳالهين جي آڇ ۾ نيڪ نيتي نظر نه پئي اچي. ساڳئي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان چيو ته اسان ڳالهين جي معاملي تي حڪومت جو رويو ڏسي حيران ٿي ويا آهيون. پي ٽي آءِ باني طرفان پارٽي اڳواڻن سان ناراضگي جي سوال تي علي محمد خان چيو ته سڀاڻي يا هڪ ڏينهن کان پوءِ بيرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ ويندا. علي محمد خان چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جيڪڏهن ڪنهن به قسم جا خدشا آهن ته  هن ملاقات ۾ انهي تائين پهچي وڃن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وچ ۾ ملاقات ملڪي مفاد ۾ گڏجي ويهي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هئي. ذريعن ٻڌايو  هو ته ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان سخت موقف رکندڙن کي سمجهائڻ تي زور ڀريو ويو هو. ذريعن موجب اياز صادق تجويز ڏني ته اوهان پنهنجي پارٽي سان سخت موقف رکندڙن کي سمجهايو مان پنهنجي پارٽي جي سخت موقف رکندڙن کي سمجهائيندس جنهن تي اسد قيصر چيو ته پارٽي سان مشاورت ڪنداسين ٻنهي اڳواڻن قوم جي سامهون ڳالهين جي عمل کي شفاف طريقي سان اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.