پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اسموگ جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت هنگامي قدم کنيا، اسموگ جي خاتمي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر هڪ رات ۾ صورتحال تبديل نٿي ٿي سگهي. شنگهائي ۾ موسمياتي تبديلي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ماحولياتي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ چين سان گڏجي قدم کڻي رهيا آهيون چين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. چين ۾ موجود پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شنگهائي ايڪسپيريمنٽل اسڪول ۽ چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز جو به دورو ڪيو. دوري جي موقعي تي هن اسڪول جي مختلف شعبن جو مشاهدو ڪيو. ٻارن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس ايجوڪيشن سيکارڻ جي جديد طريقيڪار جي باري ۾ پڇا ڪئي. مريم نواز جياڊنگ جي ڊائريڪٽر بيورو آف ايجوڪيشن گوان وين جي شنگهائي ايڪسپيريمنٽل اسڪول ۽ چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز جي صدر سان به ملاقاتون ڪيون. انهي موقعي تي وزيراعليٰ کي چين جي تعليمي نظام جي باري ۾ خصوصي بريفنگ ڏني وئي.