وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ اڳوڻي وفاقي وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهين جو پيغام اماڻيو ته اسان جي طرفان انڪار نه ڪيو ويندو.نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي پر ڳالهين جو پيغام ناهي اماڻيو، ڳالهين جو پيغام مليو ته اسان جي طرفان انڪار نه ٿيندو، فائل سڏ کان اڳ تحريڪ انصاف سان رابطو ڪيو ويو، عمران خان کي آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون نه ٿيون هيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا سچي دل سان معذرت ڪري وٺن. 9 مئي تي ڪنهن جي ٺڪاڻن ۽ گهر تي حملو ڪيو ويو، هي 9 مئي واقعن جي مذمت ڇو نٿا ڪن، ڇو نٿا چون ته اسان کان غلطي ٿي آهي. هن چيو ته اهو چوڻ ته 9 مئي تي اسان نه هئاسين، هي پاڻ ئي هئا، اهي ته رنجشون وڌائڻ جون ڳالهيون آهن. تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي پر ڳالهين جو پيغام ناهي ڏنو. تحريڪ انصاف جو اسان جي لاءِ اڃان ساڳيو پيغام آهي ته اسان اوهان سان ڇو ڳالهيون ڪريون. راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن جو معاملو گڏجي ويهي حل ڪري سگهجي ٿو، مدرسن جي رجسٽريشن جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي ڊيڊ لاڪ جي ڳالهه نظر نٿي اچي. سوسائٽي ايڪٽ يا تعليم واري وزارت سان رجسٽرڊ ٿيڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي.