پي ٽي آءِ فيض حميد کي بچائڻ ۾ مصروف آهي، ڪجهه ماڻهن عمران خان جا سمورا ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن: فيصل واوڊا

  پشاور ڌرڻي وقت ڪور ڪمانڊر فيض حميد هو جيڪڏهن اهو ڪارروائي کان بچي ويو ته تحريڪ انصاف به بچي ويندي، سموري پي ٽي آٰءِ جي قيادت فيض حميد کي بچائڻ ۾ مصروف آهي. ڪجهه ماڻهن عمران خان جا سمورا ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا نجي چينل سان ڳالهين دوران ڪيو آهي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته لڳي ٿو ته شهيدن جي آڙ ۾ سول نافرماني تحريڪ ملتوي ڪئي ويندي. آرمي سمورا ثبوت جمع ڪرڻ کان پوءِ چارج شيٽ ڪندي آهي. پشاور ڌرڻي جي وقت ڪور ڪمانڊر جنرل فيض هو، پوري پي ٽي آءِ هاڻ کيس بچائڻ ۾ مصروف آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهين دوران فيصل واوڊا چيو ته مون پهريان ئي چيو هو ته پي ٽي آءِ باني جي ملٽري ٽرائيل تي حيرت نه ٿيندي، لڳي ٿو ته شهيدن جي آڙ ۾ سول نافرماني ملتوي ڪئي ويندي. ڪجهه ماڻهن پي ٽي آءِ باني جا آڊيوز ۽ ميسجز جا ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن. مان پي ٽي آءِ ۾ اڪيلو ماڻهو هئس  جيڪو فيض حميد جي ڪنٽرول ۾ نه آيو هو. اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ بچي ويو ته پي ٽي به بچي ويندي. ٻئي پاسي فيصل واوڊا هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي حڪومت ايندڙ هفتي ڪونه ڪو رستو ڪڍي وٺندي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن 9 مئي جو واقعو ٿيو هو ته پوءِ انهي جون سزائون به ملنديون ۽ سزائون ڪاٽڻيون به پونديون. ارشد شريف قتل ۽ عمران خان تي فائرنگ جا 2 ڪيسز نه وساريو، عمران خان کي فائرنگ ۾ مارڻ جي ڪوشش ڀروسي وارن ماڻهن ڪئي هئي. بيرسٽر گوهر بهترين ۽ سٺي دل جو انسان آهي. منهنجي انهي سان ڏاڪڻن تي ملاقات ٿي هئي، ڪابه پلاننگ ملاقات نه هئي، اسان ٻنهي جو ڀاڪر پائي ملڻ خوشي وچان هو انهي کي اجايو غلط رنگ نه ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مولانا جي سياست کي وساري نٿو سگهجي انهن جو خيبرپختونخواهه ۾ مينڊيٽ ڦريو ويو جنهن کي وساري نٿو سگهجي. حڪومت کي خطرو ٻئي ڪنهن کان نه پر پنهنجو پاڻ کان آهي.