پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته سان ڳالهين جي دوران شرط نه پر مطالبا ضرور رکيا آهن. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته 9 مئي ڪيسز مان ڊسچارج ٿيڻ کان پوءِ درخواست داخل ڪئي آهي اهي سمورا ڪيس جعلي آهن جن ۾ بريت ٿيندي تحريڪ انصاف جي درخواست وزيراعظم ۽ ٻين جي خلاف آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن، پر سڄي دنيا ۾ احتجاج جي دوران گوليون نه هلايون وينديون آهن احتجاج جي لاءِ مظاهرين ويٺا به نه هئا ته شيلنگ شروع ڪئي وئي. بيرسٽر گوهر چيو ته ڳالهين جي لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين اڳ به چيو هو. ڳالهيون ضرور ٿيڻ گهرجن. سياسي مسئلن جو حل سياسي ڳالهيون آهن، اسان ڳالهين لاءِ شرط نه رکيا آهن پر مطالبا ضرور رکيا آهن، انهي کان اڳ به ڳالهيون ٿيون پر هڪ اسٽيج کان اڳ رابطو ختم ٿي ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هاڻ گهڻو ٿي ويو ملڪ کي هاڻ بهتري طرف اڳيان وڌڻ گهرجي.