پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿي وڃي ها جيڪڏهن ڳالهين واري ڪميٽي نه بڻجي ها. پارٽي اڳواڻن پي ٽي آءِ باني کي درخواست ڏني ته ايترو وڏو فيصلو ڪرڻ کان اڳ هڪ موقعو ڏنو وڃي. بدقسمتي سان حڪومت جو رويو انتهائي ٻاراڙو آهي. شوڪت يوسفزئي وڌيڪ چيو ته حڪومت شايد سمجهي رهي آهي ته تحريڪ انصاف ڪمزور ٿي وئي آهي انهي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي.. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ وڌيڪ پريشاني ۾ نه اچي پر حڪومتي رويي مايوس ڪري ڇڏيو آهي. ڳالهين جي ڪري سول نافرماني جي تاريخ فائنل نه ٿي سگهي. ڳالهيون نه ٿيون ته شايد پي ٽي آءِ باني طرفان ڪنهن لائحه عمل جو اعلان ٿي وڃي. لائحه عمل سان ملڪ کي نقصان ٿيندو ته انهي جي ذميواري حڪومت تي هوندي. حڪومت وٽ وقت گهٽ رهجي ويو آهي سنجيده طور تي ڳالهيون ڪيون وڃن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نجي ٽي وي تي هلندڙ خبرون ٽوڙي مروڙي پيش ڪيون ويون آهن. مون سول نافرماني تحريڪ شروع نه ڪرڻ جي فيصلي جو ڪوبه بيان ناهي ڏنو. مون اهو چيو هو ته ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي نه بڻجي ها ته اڄ کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿي وڃي ها. شوڪت يوسفزئي موجب اهو به چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون نه ٿيون ته عمران خان آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪندو سول نافرماني يا جيڪا به تحريڪ هوندي انهي جو اعلان عمران خان ڪندو.