ساوند سندراڻي تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو, قادرپور ڀرسان ڳوٺ يار محمد ساوند ۾ سندراڻي برادري جي هٿياربند جو حملو ساوند برادري جا 6 ڄڻا زخمي

ڪمند جي ڪٽائي تي ويندڙ ساوند برادري جا ماڻھو وڃي رھيا ھئا ت رستي ۾ سندراڻي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ عبدالغفار ساوند،حادي بخش ساوند،قادر بخش ساوند،مور خان ساوند،طفيل احمد ساوند ۽ فياض احمد ساوند سخت زخمي ٿي پيا ،واقعي کان پوء ٻنھي برادين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري ڌريون مورچا بند ٿي ويون ،زخمين کي گھوٽڪي جي تعلقه اسپتال آندو ويو جنهن کي طبي امداد ڏئڻ بعد سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو گھوٽڪي ياد رهي ته ڪجھ مھينا اڳ خانڳڙه جي گوهر پئليس ۾ سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي ۾ ٻنھي برادرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جو نبيرو ب ٿيو ھو پر فيصلي تي عمل ن ٿيو ,فيصلي کان پوء مھينو اڳ ساوند برادري جي ھٿياربندن سراج سندراڻي کي قتل ڪيو اڄ وري سندراڻي برادري جي ھٿياربندن ڳوٺ يار محمد ساوند مٿان حملو ڪري ڏنو ھوڏانھن ساوند سندراڻي تڪرار تان ھن مھل تائين 30 کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن