شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي 17ھين ورسي جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي

شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي 17ھين ورسي جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي ڪنڌڪوٽ جو اجلاس سٽي صدر شھزادو کوسو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر غفران ملڪ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع صدر مير گل محمد جکراڻي ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪنڌڪوٽ سٽي جي ھر وارڊن مان سوين جيالا محترمه بينظير ڀٽو جي 17 ھين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدا بخش پھچندا. انهيءَ موقعي تي منير مڱريو، ثناء الله ميراڻي، عاشق ڇڄڻ، شھزادو نصيراڻي، صيفل چنو ، عمران ميراڻي، بشير احمد کوسو، ۽ ٻين ورڪرن ۽ عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي