ٺڪراٺو لڳ پورهيت جي گهر کي باھ الھ تلھ سميت چوپايو مال پڻ سڙي زخمي گهر ڀاتي معصوم ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ وس وارن کي مدد جي اپيل ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ ديھ ڦاٽ ۾ ڳوٺاڻي الف مڱريو جي گهر کي چلھ جي چڻنگ مان اوچتو گهر کي باھ لڳي ويئي ڪکائين گهر کي باھ وڪوڙي باھ لڳڻ سبب گهر ۾ پيل اناج سون ڪپڙن ۽ هنڌن سميت ٻڻ نياڻين جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڳئون هڪ گابو سميت چار جانور پڻ باھ ۾ سڙي زخمي ٿي پيا ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باھ وسامڻ جي ڪوشش ڪئي متاثر پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت کلي آسمان هيٺ اچي ويا وس وارن کي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي