رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي بابت مڊٽرم چونڊن کانپوءِ جي حڪمت عملي تي غور ڪري رھي آھي. ان حوالي سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب خطي جي صورتحال بابت خدشا ظاھر ڪيا پيا وڃن.آمريڪي ويب سائيٽ ايم ايس اين او دبليو جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي تھ ٽرمپ انتظاميا ايران بابت پنھنجي پاليسي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رھي آھي. رپورٽ موجب، ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڳالھين ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نھ ٿيڻ سبب فوجي آپشنز تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.رپورٽ ۾ ايران جي فوجي تنصيبات ۽ جوھري پروگرام کي امڪاني ھدفن طور ذڪر ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ خليج واري خطي ۾ ايران جي اثر رسوخ بابت بھ آمريڪا ۾ ڳڻتي ظاھر ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف، ايران خلاف وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ جي امڪان تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. مبصرن موجب، جيڪڏھن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي تھ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ جوابي ڪارروائي جا خدشا پيدا ٿي سگھن ٿا.