اسلام آباد:
آمريڪا پاران يوڪرين کي 500 پيٽرياٽ ميزائل وڪرو ڪرڻ جو اھم اعلان ڪيو ويو آھي، جن جي مجموعي ماليت 2 ارب 10 ڪروڙ ڊالر ٻڌائي پئي وڃي.پرڏيھي ميڊيا جي رپورٽن موجب، يوڪرين کي فراھم ڪيا ويندڙ ميزائل جديد پي اي سي-3 نظام جو حصو آھن، جيڪي فضائي دفاع لاءِ استعمال ٿيندا آھن. انھن جو مقصد يوڪرين جي دفاعي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آھي.رپورٽن موجب، ھن معاھدي سان يوڪرين جي فضائي دفاعي صلاحيتن ۾ واڌارو ٿي سگھي ٿو، خاص طور تي ميزائل ۽ فضائي خطرن کي منھن ڏيڻ جي حوالي سان.آمريڪا جو اھو قدم يوڪرين جي دفاعي سھڪار بابت اھم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي، جڏھن تھ ان جا خطي جي صورتحال تي امڪاني اثر پڻ ٿي سگھن ٿا..