اسلام آباد:
سمارٽ فون ٺاھيندڙ ڪمپني vivo پاران نئون فون vivo Y32 پاڪستاني مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو ويو آھي، جنھن ۾ 8000mAh جي BlueVolt بيٽري، 44W فليش چارجنگ ۽ ريورس چارجنگ جون سھولتون ڏنيون ويون آھن.ڪمپني موجب، فون جي بيٽري کي ڇھن سالن تائين صحت برقرار رکڻ جي ڊيزائن سان تيار ڪيو ويو آھي. vivo جي ليبارٽري ٽيسٽن مطابق، بيٽري 1500 چارج سائيڪلن کانپوءِ بھ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ صحت برقرار رکي سگھي ٿي.
vivo Y32 کي خاص طور انھن صارفين لاءِ تيار ڪيو آھي، جيڪي روزاني مصروفيتن دوران ڊگھي بيٽري ٽائيم چاھين ٿا. ان جي جديد ڊيزائن فون کي خوبصورت ۽ پريميئم انداز ڏئي ٿي.ڪمپني جو چوڻ آھي تھ فون ۾ جديد سھولتون شامل ڪيون ويون آھن، جڏھن تھ ان جي وڏي بيٽري ۽ تيز چارجنگ ان جون اھم خاصيتون آھن.
نوٽ: بيٽري جي ڪارڪردگي ۽ صحت بابت انگ اکر ڪمپني جي ليبارٽري ٽيسٽن تي ٻڌل آھن.