پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي دوران مثبت رجحان ڏٺو ويو، جتي مارڪيٽ جي اھم انڊيڪس ۾ 500 کان وڌيڪ پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.مارڪيٽ ۾ بھتري سبب سيڙپڪارن ۾ خوشي جي لھر ڏٺي وئي. ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ۽ مختلف شعبن ۾ خريداري سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان برقرار رھيو.رپورٽن موجب، توانائي، مالي ۽ صحت جي شعبن ۾ بھ بھتري ڏسڻ ۾ آئي، جنھن سان مارڪيٽ جي مجموعي ڪارڪردگي تي مثبت اثر پيو.مجموعي طور پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج لاءِ ڪاروباري ھفتو مثبت رھيو، جڏھن تھ سيڙپڪارن جي نظر ايندڙ ڏينھن ۾ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي تي رھندي.