هڪ ڏينهن اڳ ڀيا برادري جي ھٿياربندن جاگيراڻي برادري جي ٻن نوجوانن کي ٽريڪٽر ٽرالي سميت پاڻ وٽ جهلي ڇڏيو

هڪ ڏينهن اڳ ڀيا برادري جي ھٿياربندن جاگيراڻي برادري جي ٻن نوجوانن کي ٽريڪٽر ٽرالي سميت پاڻ وٽ جهلي ڇڏيو هو جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن پاران ڀيا برادري جي ٻن نوجوانن کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪرڻ ۽ 36 ڍور ڦر ڪرڻ واري واقعي بعد ڀيا برادري جي ھٿياربندن پاران پلاند ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن نوجوانن محبوب جاگيراڻي ۽ مهرباني جاگيراڻي جي بازيابي لاءِ ڪچي جي ڏوھاري خادم ڀيو جي مداخلت بعد بازياب ڪرائي ٻنهي نوجوانن کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جنهن بعد ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس آر ڊي 219 پل واري علائقي ۾ پهچي ويئي آهي خادم ڀيو جي مداخلت بعد بازياب ڪرايل محبوب جاگيراڻي ۽ مهرباني جاگيراڻي کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جنھن بعد علائقي ۾ پکڙيل ڪشيدگي ختم ٿي ويو ۽ جهيڙو ٽري ويو۔ واضع رهي ته ته ڪجھ ڏينھن اڳ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن ڪاھ ڪري ڀيا برادري جي ٻن نوجوانن کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد ڀيا برادري جون 36 منهيون ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا اهڙي واقعي بعد ڀيا برادري جي ھٿياربندن پلاند ۾ ٻنهي نوجوانن کي ٽريڪٽر ٽرالي سميت مبينا طور يرغمال ڪري باندي بڻائي رکيو هو..