اوڳاهي لاڙي مان اغوا ٿيل اياز لاشاري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ ڏيڍ مهينو اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوڳاهي لاڙي مان اغوا ٿيل نوجوان اياز لاشاري کي ڪشمور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي جنھن جي بازيابي لاءِ وارثن جو ايس ايس پي آفيس جي گيٽ سامھون عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي اغوا ٿيندي ڏيڍ مهينو ٿي ويو آهي پر پوليس اسان جي نوجوان کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي اسان غريب ماڻهو آھيون محنت مزدوري ڪري گذر سفر ڪريون ٿا ھنن وڌيڪ چيو ته اغواڪار 60 لک ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن ۽ مغوي تي تشدد به ڪري رهيا آهن۔ ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کي قتل جي ڌمڪي جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن اسين غريب مسڪين ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيون, ھنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته خدارا اسان جي مدد ڪئي وڃي اسان جو ماڻهو بازياب ڪرائي ڏنو وڃي۔