پريالوءِ ڀرسان اڀڙي اسٽاپ تي افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي ٽرالر جي ٽڪر ۾ 17 ورهين جو نوجوان ڪامران سومرو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. حادثي بعد پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو مڙهه ايمبولنس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي ڪئي وئي. ٻٻرلوءِ پوليس ٽرالر ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي، جڏهن ته ڪامران جي اچانڪ موت تي پاڙي وارن ۽ عزيزن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. پوليس موجب حادثي جي اصل سبب جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن کان پوءِ وڌيڪ قانوني قدم کنيا ويندا.