سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف شٽربند هڙتال کي سنڌ جي عوام ڀرپور موٽ ڏني آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي عوام سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف شٽربند هڙتال واري سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني آهي. سڄي سنڌ ۾ ڪاروبار مڪمل بند آهن. پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. ڪامياب هڙتال حڪمران کي نياپو ڏنو آهي ته فوري طور سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪيو وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو سنڌو درياءِ آهي ان تي ڪئنال اڏي سنڌ کي موت جي وادي ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اڄ جي ڪامياب هڙتال ڪئنالن جي خلاف عوامي ريفرينڊم آهي. سنڌ هاڻي سجاڳ ٿي چڪي آهي. سڄي سنڌ ۾ پر امن هڙتال ٿي آهي. عوام رضاڪارانه طور سڏ جي موٽ ۾ ڪاروبار بند ڪري ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪيو آهي. ايس ٽي پي جي پرامن هڙتال کي موٽ ڏسي انتظاميه ڪيترن شهرن ۾ زبردستي دڪان کولائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي آهي. هن چيو ته ايس ٽي پي ضلع حيدر آباد مان ضلع اڳواڻ عرفان بروھي سميت 8 ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. . دادو مان جبران پنھور ۽ خادم ٻٻر  سميت 5ڪارڪن ۽ هالا مان فرحت ڳاهوٽي شاهد لغاري سميت 6 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرامن سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري جي مذمت ڪجي ٿي فوري طور گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.