پريالوءِ لڳ ڳوٺ الهنواز ناريجو واسي ثناءُ الله ناريجو ميڊيا سينٽر پهچي دانهيو آهي ته محموداڻي پاڙي جي غلام ناريجو ۽ سندس ڀاڻيجن ۽ ڀاٽين مٿس حملو ڪيو. ثناءُ الله ناريجو ٻڌايو ته آء پنهنجي ڀائرن سان گڏ ٽريڪٽر تي پنهنجي زمين تي وڃي رهيا هئا هيس ته ڄاڻايل ماڻهن حملو ڪري مونکي ۽ منهنجي ڀائرن کي زخمي ڪري ڇڏيو. ثناءُ الله ناريجو وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته حملي ڪندڙ هٿياربندن مون مٿان حملو ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ فيض محمد ٻنڊو پوليس کان اپيل ڪئي ته حملي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي