عمران خان ڪميٽي ٺاهي پر لڳي ٿو ته حڪومت کي ڳالهين ۾ دلچسپي نه آهي: عمر ايوب

 پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته عمران خان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي پر لڳي ٿو ته حڪومت کي ڳالهين ۾ ڪابه دلچسپي نه آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ  ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ڪالهه دير تائين عدالت ۾ ٻڌڻي جاري رهي، عدالت جو وقت 3 يا 4 وڳي تائين آهي، سوال اهو آهي ته آخر ڇو ايتري تائين ٻڌڻي جاري رهي. اپوزيشن اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي گنجائش کان وڌيڪ جيلن ۾ رکيو ويو آهي اسان ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا نه آهيون. عمر ايوب چيو ته ڳالهين جي ڪميٽي پي ٽي آءِ باني جوڙي ڇڏي آهي لڳي ٿو ته حڪومت کي ڳالهين ۾ ڪابه دلچسپي نه آهي. اسان کي ڪنهن وٽ به ناهي وڃڻو. ڪنهن کي به ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته ڪريو ناهن ڪرڻيون ته نه ڪريو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ڳالهين جون خبرون هلي رهيون آهن پر اڃان تائين ڪنهن طرفان باقاعده ڳالهيون شروع ٿيڻ جي تصديق نه ڪئي وئي. انهي حوالي سان وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو ته گذريل ڏينهن چيو ته پي ٽي آءِ سنجيده آهي ته حڪومت کي مثبت پيغام ڏنو آهي ته اهو انهي جي ڪميٽي آهي ۽ اسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان به اسپيڪر کي چونداسين ته وزيراعظم سان ڳالهيون ڪريو.