وزيراعظم شهباز شريف جي انڊونيشين صدر سان ملاقات، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور

وزيراعظم شهباز شريف قاهره ۾ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. قاهره ۾ ڊي 8 سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي سياسي، واپار ۽ اقتصادي معاملن کان علاوه مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفي لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي واءِ ويجهن رابطن ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انڊونيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري ڀائيوار آهي. هن خاص طور تي پام آئل  فراهم ڪندڙ ملڪ جي طور تي انڊونيشيا جي ڪردار جي تعريف ڪئي ڇو ته پاڪستان خوردني تيل جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ حصو انڊونيشيا کان برآمد ڪندو آهي. آسيان ۽ انهي جي ميمبر ملڪن سان رابطن جي حوالي سان پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي آسيان ۾ سيڪٽول پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان علاقائي فورم جي رڪنيت جي لاءِ انڊونيشيا جي حمايت جي تعريف ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان انڊونيشيا جي تعاون ۽ حمايت سان آسيان جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. هن صدر پرابوو سوبيانتو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني جيڪا هن قبول ڪئي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ارادو ڪيو. غزه ۾ جنگبندي تي زور ڏنو ۽ مسئلو فلسطين جي لاءِ هڪ گڏيل طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختار فلسطيني رياست جي قيام، جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ جي طرز تي هوندي جنهن جو گادي جو شهر القدس الشريف هجي، انهي جي قيام لاءِ پنهنجي حمايت جو ارادو ظاهر ڪيو.