سلطانپور: پورهيت شاهد علي شاھ جي چوري ٿيل مينهن جي واپسي لاءِ ڳوٺاڻن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

سلطانپور جي ڳوٺ خاصو اسٽاپ ويجهو پورهيت شاهد علي شاھ جي چوري ٿيل مينهن واپس نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي ۽ سلطانپور پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهرين اظهر علي سمائر، الله ورايو سمائر، محمد جادل منگي ،عاشق علي آرائين، محمد جمن انڍڙ ۽ ٻين چيو ته سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ چوريون وڌي ويون آهن پوليس بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ م مڪمل ناڪام بڻيل آهي هڪ مهينو اڳ غريب پورهيت شاهدعلي شاھ جي ڀلوڙ مينهن چوري ٿي وئي هئي جيڪا پوليس اڃا تائين واپس ناهي ڪرائي ايس ايڇ او سلطانپور ۽ سندس اهلڪار رڳو خالي دلاسا ڏيئي رهيا آهن، مظاهري پاران تڪ جي چونڊيل نمائندن سيد خورشيد احمد شاھ، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو، ايس ايس پي سکر امجد علي شيخ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پورهيت شاهد علي شاھ جي مينهن سميت علائقي مان جيڪي به چوريون ٿيل آهن فوري طور واپس ڪرايون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو