ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ گلڻ خان بيو م جلسه جشن عيد ميلادالنبي صلي اللہ عليہ وسلم مولانا محمد عالم اوڳاھي جي زير نگراني ۾ منقعد ڪيو ويو جنھن جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو مشھور نعت خوان فقير غلام ياسين حسيني فقير محمد حسن قمبراڻي طاھري حافظ رياض حُسين قاسمي پھچي نعتون پڙھي خوب عاشق رسول مؤمنن کي جھومايو ان موقعي تي خليفه صوفي غلام محمد ملڪ طاھري خطاب ڪندي چيو ته اسان مسلمانن لاء حضور صلي اللہ عليہ وسلم جن جي زندگي مبارڪ مشعل راھ آھي حضور صلي الله عليه وآله وسلم غريبن سان محبت ڪرڻ جو تاڪيد فرمايو آھي اسان جڏھن وڏي عھدن تي پھچندا آھيون ته مسڪين غريبن کي اسان حقير سمجھندا اھا حضور صلي الله عليه وآلہ وسلم جي تعليم ن آھي ان موقعي تي خصوصي خطاب ڪندي حضرت مولانا مفتي مظھر علي سڪندري غفاري فقير محمد عالم اوڳاهي خطاب ڪندي چيو ته ميلاد النبي صلي الله عليه وآلہ وسلم ڪرڻ جو مطلب آهي ت حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي پاڪ زندگي کي سمجھون حضور صلي الله عليه وآلہ وسلم ڪڏھن زندگي مبارڪ ۾ ڪنھن کي ڪڏهن به ھٿ يا زبان سان نه ايذايو آھي دشمن به گواھي ڏيندا هئا ته امانت دار سچو وفادار سپهه سالار آھي ت حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي ذات مبارڪ آھي ان موقعي تي وڏي انگ م جماعت سڳوري شريڪ پڻ ٿي جنھن م ڪنڌڪوٽ جا سينيئرصحافي محترم عبدالخالق چاچڙ محترم فخر بلوچ جن خصوصي شرڪت ڪئي جلسي کي مڪمل ڪوريج پڻ ڏني آيل مھمانن کي مولانا محمد عالم اوڳاھي طاھري جن آجياڻو پيش ڪيو آخر ۾ ملڪ پاڪستان لاء دعا خير گھري لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو