ٽنڊومستي لڳ پريمي جوڙي جو حيدرآباد ۾ پيار جو پرڻو، ڌمڪين جو انڪشاف

ٽنڊومستي لڳ خيرپور جي منگهنواري جي رهواسڻ روينا اوڏ حيدرآباد جي عدالت ۾ خيرپور جي علائقي مل ڪالوني جي رهواسي اجي ڪمار سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ناري روينا اوڏ جو چوڻ آهي ته کيس پنهنجي ڀائرن دلٺار اوڏ، اجي، ۽ دلدار کان جاني ۽ مالي خطرو آهي. روينا انڪشاف ڪيو آهي ته بااثر ماڻهن پاران ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن. متاثر جوڙي ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آئي جي سکر کان نوٽيس وٺڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي. جوڙي چيو آهي ته زندگي خطري ۾ آهي ۽ پوليس کين تحفظ فراهم ڪري.