ميان صاحب : ميان صاحب لڳ ڳوٺ خان محمد خان پٺاڻ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ 40 ورهين جو نوجوان نبي دوست پٽ نور محمد ميربحر قتل ٿي ويو آهي، اطلاع تي سندس گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو آهي، ٻئي طرف پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي وئي آهي، رابطو ڪرڻ تي ميان صاحب پوليس ٻڌايو ته واقعو ڪارنهن مامري تان پيش آيو آهي، مقتول جي وارثن جو موقف آهي ته نوجوان کي محمد عثمان ميربحر جي ڌر جي هٿياربندن ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ کانپوءِ واقعي جا تفصيل ٻڌايا ويندا. رپورٽ اي ڪي دايو