فوت ٿي ويل روبينہ جي ڀاءُ جھانگير ڌاريجو جي فرياد تي مزدا ۽ ٽينڪر ڊرائيور مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽينڪر ڊرائيور جي غفلت سبب حادثو پيش آيو، ٽينڪر مزدا کي پٺيان ٽڪر ھنيو، جنهن سبب مزدا ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ ھو بيٺل ڪار مٿان چڙهي 5 ڄڻن کي اجل جو شڪار بڻائي ڇڏيو، فريادي جھانگير ڌاريجو 2 ڏينهن اڳ ٻٻرلوءِ قومي شاھراھ تي المناڪ حادثو پيش آيو هو جنهن ۾ ڏاڏي پوٽيِ ٻن ننھرن ۽ ٽيڪسي ڊرائيور سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ھئا، حادثو ٽريفڪ جام ھجڻ ڪري پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ روبينہ، رخسار، طاھره، ٿڃ پياڪ محمد اورھان سميت محمد نواز عرف بابو مستوئي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، حادثي بعد مزدا ۽ ٽينڪر جا ٻئي ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويا، ٻٻرلوءِ پوليس ٻنهي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو هو،
96