پريالوءِ لڳ الاحد ايليمينٽري اسڪول پبلڪ اسڪول برادري جتوئي، تعلقو ڪنگري ۾ ثقافتي پروگرام وڏي جوش ۽ جذبي سان منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ شاگردن ۽ استادن گڏجي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو. شاگردن تقريري مقابلن، ثقافتي گيتن ۽ ڊانس جي مظاهري ذريعي سنڌ جي ثقافتي رنگن کي پيش ڪيو. پروگرام ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو خاص نمايو رهيو، جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ جي روايتي کاڌن جا اسٽال به لڳايا ويا. مقامي معزز شخصيتن ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. الاحد اسڪول جي پرنسپال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهڙا پروگرام نوجوانن ۾ پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ ڀرپور آگاهي پيدا ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ پڻ اهڙا پروگرام منعقد ڪيا ويندا ته جيئن نئين نسل ۾ سنڌ جي ثقافتي ورثي کي زنده رکڻ جو جذبو پيدا ٿئي.
123