ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ حاجي شاھ محمد بنگوار م جلسه جشن عيد ميلادالنبي صلي اللہ عليہ وسلم واري حافظ غلام مصطفي بنگوار جي زير نگراني ۾ منقعد ڪيو ويو جنھن جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ حافظ نياز حسين گولو طاھري ڪيو مشھور نعت خوان فقير غلام ياسين حسيني فقير عبدالرحيم طاھري فقير محمد حسن قمبراڻي طاھري حافظ رياض حُسين قاسمي پھچي نعتون پڙھي خوب عاشق رسول مؤمنن کي جھومايو ان موقعي تي مفتي ممتاز علي بنگوار طاھري خطاب ڪندي چيو ته اسان مسلمانن لاء حضور صلي اللہ عليہ وسلم جن جي زندگي مبارڪ مشعل راھ آھي حضور صلي الله عليه وآله وسلم غريبن سان محبت ڪرڻ جو تاڪيد فرمايو آھي اسان جڏھن وڏي عھدن تي پھچندا آھيون ته مسڪين غريبن کي اسان حقير سمجھندا اھا حضور صلي الله عليه وآلہ وسلم جي تعليم ن آھي ان موقعي تي خطاب ڪندي حضرت مولانا مفتي مظھر علي سڪندري غفاري مولانا محمد عالم اوڳاهي طاهري خطاب ڪندي خصوصي خطاب حضرت مولانا خليفه دلمراد ابڙو طاھري جن ڪندي چيو ته ميلاد النبي صلي الله عليه وآلہ وسلم ڪرڻ جو مطلب آهي ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي پاڪ زندگي کي سمجھون حضور صلي الله عليه وآلہ وسلم ڪڏھن زندگي مبارڪ ۾ ڪنھن کي ڪڏهن به ھٿ يا زبان سان نه ايذايو آھي دشمن به گواھي ڏيندا هئا ته امانت دار سچو وفادار سپهه سالار آھي ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي ذات مبارڪ آھي ۽ فرمايو ته حضرت ابوبڪر صديق رضه الله عنه جن جي دين لاء ڏنل قرباني وسارڻ جھڙي ناھي جو سڄو مال الله جي راھ ۾ قربان ڪيو ان موقعي تي وڏي انگ م جماعت سگوري شريڪ پڻ ٿي جنھن م ڪنڌڪوٽ جا معزز اھلسنت مولانا محمد پهلوان المعروف بجلي فقير پيارو چاچڙ فقير مقدم علي گل خان گولو مولانا محمد صديق ملڪ آيل مھمانن کي حافظ غلام مصطفي بنگوار جن آجياڻو پيش ڪيو آخر ۾ ملڪ پاڪستان لاء دعا خير گھري لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو