ڄامشورو: سنڌ حڪومت جي وومين ڊوالپمينٽ ڊپارٽمينٽ طرفان قومي ورڪنگ وومين ڊي جو شاندار جشن ملهايو ويو

سنڌ حڪومت جي وومين ڊوالپمينٽ ڊپارٽمنٽ پاران قومي ورڪنگ وومن ڊي جو شاندار جشن منايو ويو. ان موقعي تي سماجي ۽ ثقافتي زندگي ۾ عورتن جي اهميت ۽ انهن جي محنت کي سڃاڻڻ ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف سرگرميون ترتيب ڏنيون ويون. پروگرام ۾ سنڌ جي اعليٰ سرڪاري آفيسرن، تعليمي ماهرن ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن سان گڏو گڏ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي مهمان خاص سنڌ جي وومن ڊويلپمينٽ ڊپارٽمنٽ جي وزير شاهينه شير علي هئي، جنهن پنهنجي خطاب ۾ عورتن جي محنت، قرباني ۽ اهميت کي ساراهيو.ھن جيو عورت ڌيءَ جي روپ ۾ پيدا ٿيندي آھي ته  رحمت ٿيندي آھي جڏھن اھا ڌي ماء بڻجي ٿي ته ان جي پيرن جي ھيٺيان جنت اچي ويندي آھي اھا ئي عورت ليڊي ھيلٿ ورڪر جي روپ ۾ سخت گرمي برساتن ۾ گھر گھر وڃي پوليو جا ڦڙا پياري ٿي ته جيئن اسان جو نئون نسل معذوري کان بجي سگھي. ھن جيو ته  شھيد بينظير ڀٽو جان جي خطري باوجود پنھنجي مشن کان پوئتي نه ھٽي ۽ شھيد ٿي وئي۔  ماء جي شھادت کانپوء ان جي جاء ڌيءَ آصفه ڀٽو وٺي ڇڏي آھي ـ سڀني جي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ تان ڪاميابي حاصل ٿيندي آھي ۽ نتيجو ملندو آھي، ايوان ۾ ڪرشنا ڪولھي ڳالھائيندي آھي ته محسوس ٿيندو آھي ته اقليت عورتن جي نمائندگي موجود آھي. ان موقعي تي شاهينه شير علي چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته سنڌ ۾ عورتون هر ميدان ۾ پنهنجي محنت ۽ لگن سان پنهنجي حيثيت مضبوط ڪري رهيون آهن. انهن جو ڪردار سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهميت رکندو آهي. سنڌ حڪومت عورتن کي هر سطح تي سپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.” پروگرام ۾ ثقافتي فنون، ڪامياب عورتن جا تجربا، ۽ مختلف ڪارڪردگين جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ عورتن جي جاکوڙ ۽ پيشه ورانه سفر جي ڳالهه ڪئي وئي. ان کان علاوه، عورتن کي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي انعام ۽ سوانح عمري پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وومن ڊويلپمينٽ ڊپارٽمنٽ جي آفيسرن ۽ پروگرام جي آرگنائيزرن شازيه عابد خطاب ڪندي چيو ته ھي ڊپارٽمينٽ شھيد بينظير ڀٽو جي خوابن جي تعبير آھي. ان پنھنجي دور ۾ وومين پوليس اسٽيشن ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪر شعبو قائم ڪيائين  ھن چيو ته  سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ عورتن کي موثر ۽ محفوظ ماحول ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اڳتي آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن جشن جو مقصد معاشرتي شعور پيدا ڪرڻ، عورتن جي محنت کي سڃاڻڻ ۽ انهن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ هو. ان موقعي تي پروفيسر خالدا فريال عالماڻيـ بشرا آرائين، پشپا ڪماري، ولي محمد، دانش مھدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.