پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي جا فيصلا پاڪستاني قوم ڪندي، ڪنهن به قسم جو ٻاهريون دٻاءُ برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان ماضي ۾ به مختلف پابندين کي منهن ڏنو آهي پر ملڪ هميشه پنهنجي سيڪيورٽي تي ڌيان رکيو آهي مستقبل ۾ به ائين ئي ٿيندو. ممتاز زهرا بلوچ آمريڪي پابندين جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته اهڙين پابندين جو پاڪستان جي دفاعي فيصلن تي ڪوبه اثر نه پوندو. هن چيو ته آمريڪا طرفان پاڪستاني ميزائل پروگرام تي لڳايل پابندين کي غير ضروري ۽ ناانصافي تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو ته اهڙو قدم پاڪستان جي دفاعي پوزيشن کي ڪمزور نه ڪري سگهندو. ترجمان وڌيڪ چيو ته خطي ۾ ميزائل سسٽم ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ جي شروعات ڀارت ڪئي آهي، وڏين طاقتن کي ڀارت جي خلاف سخت قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن انهي ڊوڙ کي روڪڻ ۾ مدد ملي. انهي کان علاوه فوجي عدالتن بابت يورپي يونين جي خدشن تي رد عمل ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان جي آئين ۽ عدالتن ۾ اندروني معاملا حل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي اندروني مسئلن کي حل ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ انهي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ٻاهرين مداخلت جي ضرورت نه آهي.