سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به مسيحي برادري اڄ ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي. ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ڪرسمس جي دعائيه تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مسيحي برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. حيدرآباد ۾ رات دير سان سينٽ فرانس چرچ ۾ ڪرسمس جي حوالي سان دعائيه تقريب ٿي جنهن ۾ مٺايون به ورهايون ويون. تقريب ۾ مسيحي عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن شرڪت ڪري ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ دعائون گهريون. فيصل آباد ۾ مسيحي عورتن ڪرسمس جي لاءِ خريداري ڪئي جڏهن ته گوجرانوالا جي ڪرسمس بازار ۾ مسيحي برادري جي لاءِ 20 سيڪڙو تائين رعايت ڪئي وئي هئي. ٻئي پاسي ڪوئٽه ۾ بيڪرين ۽ ڪيڪ شاپس ۾ ڪرسمس جي حوالي سان سان ڊيزائن ڪيل ڪيڪس جي ڌوم آهي. لاهور ۾ به مسيحي برادري ڪرسمس ملهائڻ جي لاءِ پرجوش آهي. سرگودها ۾ گرجا گهرن دعائيه تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن جڏهن ته سکر جي گرجا گهرن ۾ ڪرسمس جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيا ويا. ڪرسمس جي موقعي تي سڄي ملڪ جيان پشاور ۾ به چرچز ۽ گهرن کي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي. مسيحي برادري گهرن کي ڪرسمس ٽريز سان سجايو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني آهي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪرسمس محبت، سخاوت، رحم، اتحاد ۽ اميد جي ترغيب ڏئي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڪرسمس تي اسان کي امن، ڀائيچاري ۽ محبت جي پيغام تي غور ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي حڪومت سمورن مذهبي برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.