حيدرآباد پريس ڪلب جي سال 2025 جي اليڪشن ٿي گذري، خالد کوکر صدر، حميدالرحمان جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا

حيدرآباد پريس ڪلب جي سال 2025 جي اليڪشن، ڊيموڪريٽڪ جرنلسٽس ۽ عقيل ابراھيم گروپ جا گڏيل سمورا اميدوار اڪثريت سان ڪامياب، خالد کوکر صدر، حميد الرحمان جنرل سيڪريٽري ۽ جئي پرڪاش موراڻي خزانچي چونڊجي ويا. مخالف پئنل ورڪنگ جرنلسٽس گروپ کي شڪست.تفصيل موجب حيدرآباد پريس جي سال 2025 جي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين مرتضي سيال پاران جاري ڪيل چونڊ نتيجن نتيجن مطابق خالد کوکر 88 ووٽ کڻي صدر، علي نعيم 82 ووٽ کڻي نائب صدر حميد رحمان 81 ووٽ کڻي جنرل سيڪريٽري، مجاھد عزيز 83 ووٽ کڻي جوائنٽ سيڪريٽري، جئي پرڪاش موراڻي 82 ووٽ کڻي خزانچي چونڊجي ويا. جڏھن تہ ميمبر گورننگ باڊي جي عھدن تي علي حسن 86 ووٽ، لالا رحمان سمون 90 ووٽ، ظفر ھڪڙو 90 ووٽ، اقبال ملاح 89 ووٽ، منصور مري 87 ووٽ، احمد خان شيخ 84 ووٽ، جنيد خانزاده 86 ووٽ، حسين خان 85 ووٽ ۽ حامد شيخ 83 ووٽ کڻي گورننگ باڊي جا ميمبر چونڊجي ويا.جڏھن تہ مخالف پئنل ورڪنگ جرنلسٽس گروپ جو صدارتي اميدوار ناصر شيخ 18 ووٽ، نائب صدر جي اميدوار عرفان آرائين 16 ووٽ، جنرل سيڪريٽري جي اميدوار عمران پاٽولي 20 ووٽ، جوائنٽ سيڪريٽري جي اميدوار آفتاب رند 15 ووٽ، خزانچي جي اميدوار امجد اسلام 22 ووٽ کڻي ھارائي ويا. اھڙي ريت ميمبر گورننگ باڊي جي عھدن جي اميدوارن جاويد نثار چنا 22 ووٽ ۽ شبير نظاماڻي 19 ووٽ کڻي اليڪشن ھارائي ويا.