عالم اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملهائي پئي وڃي جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڪارڪنن جو وڏو انگ قافلن جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي رهيا آهن. 2 ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم بنجندڙ شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ سياسي مخالفن سان گڏ جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف جي آمريتن جو مقابلو ڪيو. شهيد بينظير ڀٽو 2007 ۾ جلا وطني ختم ڪري پاڪستان پهتي ته پهريان 18 آڪٽوبر تي استقبالي جلوس ۾ ڌماڪي ٿيا جنهن ۾سوين ڪارڪن فوت ٿي ويا. ٻيهر 27 ڊسمبر 2007 تي بينظير ڀٽو کي راولپنڊي لياقت باغ ۾ جلسي تان واپسي تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ عوام جي محبوب اڳواڻ دنيا مان رخصت ٿي وئي. لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو سلسلو جاري آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ نئون ديرو پهچي چڪا آهن. ورسي جي موقعي تي سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ استقباليه ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو توڙي نئون ديرو هائوس جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.