ان حوالي سان ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا ٻڌايو آهي ته سي ويو تي 1,431 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.
هن چيو ته چرچن جي حفاظت لاءِ 884 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته ڏکڻ زون جي مختلف تفريحي هنڌن تي 1,869 پوليس اهلڪار مقرر هوندا.
ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي جي شهرين لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هوائي فائرنگ، هُلڙبازي، هراسگي، ۽ ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا.
هن واضح ڪيو ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي هوائي فائرنگ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ان سان گڏوگڏ ٽٽل سائلنسر يا بغير سائلنسر وارين گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.