محڪمه موسميات موجب، اڄ چترال، دير، سوات، ڪشمير، ۽ گلگت بلتستان ۾ هليڪي برسات ۽ پهاڙن تي برفباري جا امڪان آهن.
ملڪ جي باقي ضلعن ۾، بشمول ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، اسلام آباد، ۽ پشاور، موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پنجاب جي ميداني علائقن ۾ صبح جو ڌنڌ ڇانيل رهڻ جو امڪان آهي.
ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ اضافو
ڪراچي ۾ اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ موسم سرد ۽ خشڪ رهڻ سان گڏ، 5 کان 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اتر اوڀر کان هوائون هلڻ جو امڪان آهي، جنهن سان سرديءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيندو.
شهرين کي ٿڌ کان بچاءَ لاءِ مناسب انتظام ڪرڻ ۽ ميداني علائقن ۾ ڌنڌ دوران سفر ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.