اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ استحڪام اچي چڪو آهي، هاڻ اسان کي اڳيان وڌڻو آهي. وفاقي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پوري قوم کي نئون سال مبارڪ هجي، دعا آهي ته پاڪستان دنيا ۾ مضبوط معاشي ملڪ بڻجي اڀري.ڪالهه اڙان پاڪستان جي نالي سان بهترين منصوبي جي شروعات ٿي، اهو منصوبو ملڪ لاءِ بهترين ثابت ٿيندو، اهو پروگرام پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪندو. هن چيو ته حڪومت معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي. دعا آهي ته نئون سال پاڪستان جي عوام لاءِ خوشين جو سال ثابت ٿي، سمورا ادارا ملي ملڪ جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته معيشت کي مضبوط ڪرڻو آهي ته اسان کي برآمدات ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اسان کي پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻو آهي. برآمدات ۾ اضافي کان سواءِ ملڪ ٽيڪ آف نٿو ڪري سگهي.وزيراعظم چيو ته قومي ناڻي ۾ 72 ارب روپين جا محصولات بهترين ڪارڪردگي جي مثال آهن. ڊسمبر جي مهيني ۾ حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي، پاڪستان ۾ استحڪام اچي چڪو آهي هاڻ صرف اسان کي اڳيان وڌڻو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ٻاهرين سرمائيڪاري به اچي رهي آهي.وزيراعظم چيو ته ڪراچي پورٽ ويس ته اتي بريفنگ ڏني وئي اسان ريئل اسٽيٽ ٺاهي رهيا آهيون، ڏک پهتو ته اوهان جو ڪم پورٽ هلائڻ آهي يا ريئل اسٽيٽ ڪاروبار؟ هن چيو ته ڪراچي ۾ فيس ليس ٽيڪنالاجي لڳائي وئي آهي جنهن سبب ڪاروباري ماڻهن کي 89 سيڪڙو رليف مليو.هلندڙ سال ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 15 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن، هن چيو ته ساڳئي ڪارڪردگي رهي ته مٽاسٽا جا ذخيرا 35 ارب ڊالر جو حدف حاصل ڪري وٺندا. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي اسمگلنگ زيرو ٿي چڪي آهي. اسان اسمگلنگ کي روڪي کنڊ کي برآمد ڪيو. وزيراعظم کنڊ جي اسمگلنگ روڪڻ جو ڪريڊٽ آرمي چيف ۽ اداري کي ڏنو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اي گورننس تي سموريون وزارتون قدم کڻي رهيون آهن، ٻيون وزارتون به پنهنجو پاڻ کي جديد ٽيڪنالاجي سان جوڙين، هن چيو ته ڌرڻن جي سياست ڪندڙن معيشت کي تباهه ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه اجلاس سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 9 مهينن ۾ اقتصادي بهتري جي گواهي عام ماڻهو به ڏئي رهيا آهن، انهي موقعي تي هن چيو ته شهيدن جي قربانين کي نٿا وساري سگهون، اميد ظاهر ڪريون ٿا ته نئون سال پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي سٺي خبر کڻي ايندو.