حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اڄ کان شروع ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ بند ڪمري جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ اڄ ٻنپهرن جو ساڍي 3 وڳي شروع ٿيندو.
خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور به اڄ ڳالهين ۾ شامل ٿيندو تحريڪ انصاف پنهنجو چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪندي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف باني چيئرمين جي آزادي ۽ ٻين قيدين کي به آزاد ڪرڻ جو معاملو اٿاريندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ طرفان 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. ٻئي طرف حڪومت چارٽر آف ڊيمانڊ جي روشني ۾ پنهنجو لائحه عمل پيش ڪندي.