حڪومت سان ڳالهين جو ٻيو دور: تحريڪ انصاف 2 مطالبا پيش ڪري ڇڏيا

 پي ٽي آءِ ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور شروع ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف عمران خان سميت سمورن قيدين جي آزادي، 9 مئي ۽ 26 نومبر تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ جو وفد ڳالهين لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو، عمر ايوب، علامه راجه ناصر عباس، اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا، سلمان اڪرم راجا وفد ۾ شامل آهن. ڪجهه دير کان پوءِ علي امين گنڊاپور به پهچي ويو. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ڳالهين واري ڪميٽي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ اسحاق ڊار، عليم خان، فاروق ستار، عرفان صديقي، راڻا ثناءُالله، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، عرفان صديقي، فاروق ستار، اعجازالحق، خالد مگسي شريڪ آهن. تحريڪ انصاف ڳالهين واري ڪميٽي آڏو 2 مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آهن. پهريون اهو ته 9 مئي ۽ 26 نومبر ڌرڻي تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهيو وڃي ۽ ٻيو اهو ته عمران خان سميت سمورن قيد پارٽي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.