امن امان جي فراهمي، ماڻهن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪرم جي ماڻهن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن امن کي برقرار رکڻ ۽ ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪرم ضلعي جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن کي سپر پاور اچي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر ناڪامي جي صورت ۾ اتي ڇڏيل هٿيار پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيندو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڄ به ڪرم ۾ ملڪ دشمن عناصر پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن ٿيندڙ معاهدي تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ دعاگو آهيان، امن امان جي فراهمي، ماڻهن کي تحفظ ۽ بنيادي سهوليتون ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. هن چيو ته ڪرم جي ماڻهن گهڻو رت ڏٺو آهي ۽ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، رستن جي بندش سبب ڪرم جي رهواسين کي ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو جيڪي معاهدي کان پوءِ حل ٿيندا. خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت انهي معاملي تي پهريان سنجيده ٿئي ها ته پوري ملڪ ۾ اهل تشيح طرفان ڌرڻا نه هنيا وڃن ها، ڪرم جو مسئلو هو پر احتجاج ڪراچي ۾ به ٿيو. مظاهرا خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومت جي خلاف ۽ اسيمبلي جي ٻاهران ٿيڻ گهرجن ها. هن وڌيڪ چيو ته ڪرم ۾ قومي اسيمبلي جا نمائندا صوبائي حڪومت جا اتحادي آهن، انهن کي گهرجي ها ته هو هتي خيبرپختونخواهه ۾ اچي ڌرڻو هڻن ها، احتجاج انهن جو جمهوري حق هو جيڪو انهن ڪيو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪالهه بلدياتي نمائنڊن تي لٺيون وسايون ويون، اسلام آباد ۾ ظلم جو ڍنڍورو پٽيندڙن گذريل ڏينهن پنهنجي نمائندن سان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو؟ جمهوري طريقي سان پنهنجو حق گهرڻ ڏوهه نه آهي. هن چيو ته تمام جلد بلدياتي نمائندن جي لاءِ گورنر هائوس ۾ ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو، انهن جي حقن لاءِ نڪرنداسين ۽ صوبائي حڪومت کي انهن جا واعدا ياد ڪرائينداسين.