ڪنڌ ڪوٽ ھڪ مھينو اڳ قتل ٿيل عورت مسمات جنت خاتون جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن امڙ گلان خاتون ـ ڀاء مولائي ڀيو

ڪنڌ ڪوٽ ھڪ مھينو اڳ قتل ٿيل عورت مسمات جنت خاتون جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن امڙ گلان خاتون ـ ڀاء مولائي ڀيو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته پوليس ٿاڻي جمال جي حد ۾ جوابدار مڙس عمران ڀيو ـ ڏيرن خالد ڀيو ـ جاويد ڀيو ـ خادم ڀيو گھر اندر تشدد ڪري گوليون ھڻي قتل ڪيو جنهن بعد ناحق ڪاري جي تھمت لڳايو آهي جمال پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاء پيسا گھريان جيڪي نه ڏيڻ تي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري قاتل ڌر کان پيسا وٺي ڪنهن کي به گرفتار نه ٿي ڪري اسان جي نياڻي کي ناحق قتل ڪيو ويو پوليس قاتلن کي بچائڻ چاهي ٿي پوليس کي اسان جي ٻڌڻ لاء تيار ھي نه آهي اسين انصاف لاء پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪري سنڌ حڪومت ـ آ جي سنڌ ـ ڊي آ جي لاڙڪاڻو ـ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ کان مطالبو ڪيون ٿا ته قاتلن کي بچائيندڙ پوليس عملدار ايس ايڇ او رمضان لاشاري ـ وڏو منشي اعجاز ميراڻي خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي