“ڪنڌڪوٽ: معصوم رافع ملڪ جي بازيابي لاءِ احتجاج، حڪومتي غفلت تي سخت تنقيد”

ڪنڌ ڪوٽ معصوم رافع ملڪ جو ڪو به ڏس پتو نه پيو بازيابي لاء شھري ايڪشن ڪاميٽي پاران غلام رسول ملڪ ـ سيد رشيد شاھ ـ مولوي خان محمد ملڪ ـ حسين بخش سومرو ـ ڪامريڊ عباس باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين معصوم رافع ملڪ سميت سمورن چي بازيابي ـ امن امان جي بحالي لاء سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڪنڌ ڪوٽ ضلعو ڏوھارين جي حوالي ٿيل آهي معصوم رافع ملڪ جيڪو گھر اڳيان راند ڪندي پراسرار نموني اغوا ڪيو ويو آهي جنهن جي گھر ۾ انتھائي ڏک جو ماحول بڻيل آهي روز ڦر ۽ ڀتاخوري عوام کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي حڪمران امن امان تي ڪنھن به قسم جو توجا نه ٿا ڏين امن امان نه ھجڻ ڪري لڏپلاڻ ٿي رھي آهي حڪمران آخر عوام جي جان مال کي تحفظ ڏيڻ ۾ نااھلي جو مظاھرو ڪندڙ پوليس خلاف ڪاروايون نه ٿي ڪري اسين پرامن احتجاج ذريعي سنڌ حڪومت…