روھڙي ڀرسان دبر ٿاڻي جي حد منڊو ديرو اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ عبدالصمد پنهوار ۾ نامعلوم چور امان الله پنهوار جي گهر ۾ چوري جي ارادي سان گهر اندر داخل ٿي مينهون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا ڀاڳين جي حقل تي چورن ۽ ڀاڳين ۾ آمهون سامهون سڌي فائرنگ فائرنگ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو هڪ نوجوان غلام اڪبر پٽ امان الله پنهوار ڀاڳيو ٿڏي تي قتل جڏهن ته پنج ڀاڳيا اختر، اصغر، امانﷲ،راڻو، ۽ شهمير پنهوار سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته هڪ چور عارف پٽ هارون جاگيراڻي به فائرنگ دوران مارجي ويو، ٻه چور عاقل پٽ نور محمد جاگيراڻي،گلاب پٽ مير خان جاگيراڻي زخمي ٿي پيا زخمي چور پنهنجي مارجي ويل چور ساٿي کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻي ڀاڳين پاران زخمي چورن کي سوگهو ڪري مار ڪٽ بعد چورن کي ٻڌي ڇڏيو ۽ حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو، وارثن پاران قتل ٿيل گهر ڌڻي نوجوان غلام اڪبر پنهوار جو لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال آندو. اهڙي اطلاع ملڻ تي دبر پوليس واقعي واري پهچي مارجي ويل چور جو لاش ۽ زخمي چورن کي پوليس موبائل گاڏي ذريعي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ان موقعي تي دبر پوليس جو چوڻ هو ته رات جو جاگيراڻي برادري جا ماڻهو ڳوٺ عبدالصمد پنهوار ۾ امان الله پنهوار جي گهر ۾ چوري جي ارادي سان گهر اندر داخل ٿي مال جي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳين ۽ چورن ۾ آمهون سامهون فائرنگ ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀاڳيو قتل ۽ پنج ڀاڳيا زخمي ٿي پيا ۽ هڪ چور مارجي ويو ۽ ٻه چور زخمي ٿي پيا جنهن جي سڃاڻپ جاگيراڻي برادري جي ماڻهو طور ٿي آهي. دبر پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته واردات ۾ 10کان 12 ماڻهو ٻڌايا پيا وڃن زخمي چورن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي جيڪي به ان واردات ۾ ملوث ڏوهاري هوندا انهن کي به جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.