ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سياري جي پهرين برسات، موسم ٿڌو ٿي ويو

 ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سياري جي پهرين برسات سبب موسم وڌيڪ  ٿڌو ٿي ويو آهي. اڄ صبح سوير گلشن معمار، بلديه ٽائون، اورنگي ٽائون، نارٿ ناظم آباد، نمائش چورنگي تي هلڪي برسات پئي. فيڊرل بي ايريا، ايم اي جناح روڊ، شاهراهه فيصل، يونيورسٽي روڊ، اسڪيم 33 ۽ سرجاني ٽائون ۾ به هلڪي برسات پئي جنهن سبب موسم وڌيڪ ٿڌو ٿي ويو.  ٿڌ ۾ واڌ سبب شهرين گرم جيڪٽس ڪڍي ورتا آهن. ٻئي طرف ڪوئٽه ۽ ڀرپاسي ۾ به سياري جي پهرين برفباري پئي. خانوزئي، ڪان مهترزئي، زيارت سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ برف جي چادر پکڙجي وئي. بلوچستان جي اترين علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.