زيارت ۾ برفباري جو سلسلو شروع، مري سميت مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي

موسميات کاتي مري سميت مختلف شهرن ۾ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب مٿانهين خيبرپختونخواهه، اترين بلوچستان، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري پئجي سگهجي ٿي. اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ به موسم ٿڌو ۽ جهڙالو رهڻ کان علاوه رات جي وقت هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. ٻئي طرف زيارت ۾ شديد برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو آهي. گيس سپلاءِ به معطل ٿي وئي آهي. برفباري سبب زيارت، ڪوئٽه، سنجاوي ۾ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر زيارت چيو آهي ته برفباري ۽ ٿڌ سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر آهي.. شهري برفباري  دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. چترال، دير، سوات، ڪوهستان، باجوڙ، خيبر، شانگله، بونير، بٽگرام، مانسهره ۽ ايبٽ آباد ۾ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ به برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. صوابي، مردان، پشاور، نوشهره، ڪوهاٽ، ڪرڪ، ڪرم اورڪزئي ۽ وزيرستان ۾ رات جي وقت هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. بلوچستان جي ٻين ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ جهڙالو رهڻ جو امڪان آهي. چمن، پشين، زيارت، قلعه عبدالله ۽ قلعه سيف الله، زوب ۽ بارکهان ۾  ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ هلڪي برفباري پئجي سگهي ٿي. پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ جهڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾  موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ رات جي وقت ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. رات جي وقت ۾ سيالڪوٽ، نارووال، گوجرانوالا، منگلا، جهلم، راولپنڊي، لاهور، شيخوپوره، قصور، اوڪاڙه، ساهيوال، سرگودها، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، حافظ آباد، فيصل آباد، جهنگ، بهڪر، ليه، ملتان، بهاوالپور، بهاوالنگر، خانيوال، خانپور، رحيم يار خان، ڊي جي خان ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم وڌيڪ ٿڌو ۽ جهڙالو رهڻ کان علاوه برسات ۽ برفباري پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.